سوڀوديرو (ن پ ا) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول حاجي محمد طاھر کھڙو ( ٻنڊي موٽايو ) ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملھايو ويو ان موقعي تي مڊٽرم امتحانن ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ سرٽفڪيٽ پڻ ورھايا ويا، پروگرام جو مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو هو خيرپور صحافي اتحاد جو صدر جمال محمود کھڙو ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جان محمد کھڙو پڻ پروگرام ۾ شريڪ ٿيا. تقريب ۾ معززين ۽ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي پروگرام ۾ سنڌ جي شاندار ۽ شاھوڪار ثقافت جا مختلف رنگ پيش ڪيا ويا.