حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سوڀوديرو جي جوڙي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ڳوٺ نورپو جي نوجوان سعيد احمد ملاح ۽ ڳوٺ موقادو جي رھواسڻ ناھيد خاتون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي، درخواست ۾ غلام قمبر ملاح، منصور ملاح، علي گل ملاح ۽ ٻين جا نالا ڏئي ڄاڻايو ويو آهي ته انهن جوابدارن مان کين  جان جو خطرو آھي کين تحفظ ڏنو وڃي، ھوڏانھن سعيد احمد ملاح ۽ زال ناھيد خاتون چيو ته مائٽ  ۽ ڳوٺ جي وڏيري مان خطرو آھي، جيڪي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد سميت ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي.