ڪنڌڪوٽ: ڌرڻي سبب روڊ تي ڦاٿل مسافر گاڏين جي ڊرائيورن ۽ گاڏين جي مالڪن جو چوڻ هو ته سين روزانو هن سنڌ جي روڊ رستن سان خوار خراب ٿي رهيا آهيون هر روز هتي روڊ بند هجن ٿا 4 ڏينهن ڪشمور ديرا موڙ تي روڊ بند هو ۽ اتان روڊ کوليو ته صبح سوير سان نڪتاسين ته وري ڪنڌڪوٽ پهتاسين ته وري ڪنڌڪوٽ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ بند ٿي ويو، انڊس هاءِ وي روڊ بند هجڻ سبب اسان جي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي ٽرڪن ۾ پيل صوف،سبزيون خراب ٿي رهيون آهن جڏهن ته روڊ بند هجڻ سبب خالي روڊ تي بيهڻ سبب به اسان جو 10 هزار جو ڊيلي نقصان ٿئي پيو لوڊ گاڏيون هجڻ سبب ٽائر تباه ٿي ٿا وڃن خدارا روڊ کولرائي اسان کي هتان ڪڍيو وڃي.