حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي روينيو کاتي ۾ 2001ع کان مختيارڪارن جي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقيون نه ٿي سگهيون، روينيو کاتي پاران 2001ع کان 2008ع تائين جي 110 مختيارڪارن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقيون ڏيڻ لاءِ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پاران ورڪنگ پيپر سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي موڪليو ويو.  2001ع کان روينيو ڪواليفائنگ امتحان پاس ڪندڙ مختيارڪارن جي ترقي ۾ دير ڪرڻ جي ڪري سڄي سنڌ جي مختيارڪارن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي وئي آهي. ذريعن موجب صوبي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز جون 50 کان وڌيڪ جايون خالي آهن جنهن جي ڪري عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مختيارڪارن جي ترقي لاءِ سالن کان آسرا ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ترقين جي آسري ۾ ويٺل ڪجهه مختيارڪار فوت به ٿي ويا آهن ۽ ڪجھ وري رٽائرڊ ٿيا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ رفيق ميمڻ ۽ رٽائرڊ ۾ امداد سيال، عبدالطيف ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن موجب ترقي جي انتظار ۾ ويٺل مختيارڪارن ۾ محمد شفيق سومرو، نصر الله چاوڙو، خالد لنڊ، وزير بهڻ، اسلم شر، عزيز ڀٽي، اڪرم سومرو، عزيز جوڻيجو، ذوالفقار چانڊيو، اعجاز بوذدار، ابوبڪر سڌايو، وسيم لاشاري، سهيل ميمڻ، پرويز ملڪ، ممتاز ٽالپر، اشرف ڪنڀر، عبدالحڪيم ڌاريو ۽ ٻيا شامل آهن. متاثر مختيارڪارن ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل 23 سالن کان ترقين کان محروم آهيون. 30 کان 32 سال سروس ٿي وئي آهي ۽ روينيو ڪواليفائنگ امتحان به 23 سال اڳ پاس ڪري چڪا آهيون پر ترقيون نه پيون ڏنيون وڃن. هنن جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه مان پراميد آهيون ته ھو جيئن ٻين کاتن ۾ ملازمن جي ترقيءَ جي منظوري ڏئي رهيو آهي. ساڳئي ريت سموري سنڌ جي مختيارڪارن مان بيچيني ختم ڪرڻ لاءِ انهن جي ترقيءَ لاءِ جلد حڪم نامو جاري ڪندو. ملازمن جو مطالبو آهي ته مختيارڪارن جي ترقيءَ لاءِ ورڪنگ پيپر به تيار ٿيل آهن جنهن تي ڪم ڪري ترقي لاءِ جلد ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن ملازمن مان بيچيني ختم ٿي سگهي.

سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جون 50 جي لڳ ڀڳ جايون خالي پيل

حيدراباد: ذريعن موجب روينيو کاتي پاران ڏيڍ هفتو اڳ 110 مختيارڪارن جي سينارٽي لسٽ تي ٻڌل ورڪنگ پيپر سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي موڪليو ويو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جون 50 جي لڳ ڀڳ جايون خالي آهن. جايون خالي هجڻ سبب ماڻهن جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ٻن ٻن تعلقن جي اضافي چارج ڏيڻ سبب ماڻهن جا روينيو بابت ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. ذريعن موجب کاتي پاران 2001ع کان 2008ع تائين جي مختيارڪارن جي سينارٽي لسٽ موڪلي وئي آهي جڏهن ته پروموشن 50 جي لڳ ڀڳ مختيارڪارن جي ٿيڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته انهن جي ترقي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي خالي پيل جاين تي ڪئي ويندي.

 

بي پي ايس 16 جي مختيارڪارن کي ترقي ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم

حيدرآباد: سنڌ جي چيف سيڪريٽري بي پي ايس 16 جي مختيارڪارن کي بي پي ايس 17 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي ڏيڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ، سيڪريٽري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کي شامل ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مقررين، ترقين ۽ بدلين جي رول 1974ع تحت بي پي ايس 16 جي مختيارڪارن کي 17 ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي ڏيڻ لاءِ ڄاڻايل پروموشن ڪميٽي جوڙي وئي آهي.