سوينئر ڇپائڻ بند ڪيا وڃن، سچل تي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي: مدد سنڌي

0
26
سوينئر ڇپائڻ بند ڪيا وڃن، سچل تي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي: مدد سنڌي
سوينئر ڇپائڻ بند ڪيا وڃن، سچل تي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي: مدد سنڌي

راڻيپور(ن پ ا) حضرت سچل سرمست جو 204 ھين عرس جون سرڪاري تقريبون پڄاڻي تي پھتيون، سچل ڪامپليسڪس ۾ ثقافت کاتي پاران سچل ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رھاڻ جي محفل ڪرائي وئي، جنھن جي صدارت اڳوڻي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪئي، خاص مھمان فياض لطيف چانڊيو، الطاف اثيم، ادل سومرو، مهر خادم، ابراهيم کرل، مرتضيٰ سيال، پروفيسر حسن، قربان منگي، مختيار ملڪ هئا، اديبن ۽ شاعرن سچل سرمست تي مقالا پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي مدد علي سنڌي چيو ته سچ واقعي سچ ھوندو آھي، سچ ڪڙو ھوندو، سچل سرمست جي شاعري تي تحقيق نه ٿي سگھي آھي، ھي سوينئر ڇپائڻ بند ڪيا وڃن، ھن وقت سچل سرمست جي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ضرورت آھي، سچل سرمست جو پھريون مجموعو مرزا علي قلي بيگ ترتيب ڏنو ھو، جنھن بعد ڊاڪٽر  تنوير عباسي ان تي ڪم ڪيو پر اھو ڇپجي نه سگھيو آھي، تنوير عباسي جو ترتيب ڏنل تحقيق جو ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن ھميشه ڪٽرپڻي خلاف آواز بلند ڪيو آھي، لطيف ھجي، سچل سرمست ھجي يا ٻيا ڪي شاعر ھجن، سڀني جو پيغال ساڳيو آهي، لطيف يونيورسٽي جي وي سي يوسف خشڪ سان ڳالھه ٻولھه ٿي آھي، جلد ڪاميٽي ٺاھي ان تي ڪم ڪيو ويندو، يادگار ڪاميٽي کي چوندس ته اھي ننڍڙا ڪتاب شايع ڪرائي وقت ضايع نه ڪن، ھنن ننڍڙن سوينئرن سان ڪم نه ھلندو، هن جو چوڻ هو ته سچل سرمست تي  ڪجهه وقت اڳ ڪم ٿيو پر هاڻي ثقافت کاتي جي يا سچل چيئر پاران ڪو خاص ڪم نظر نٿو اچي، سچل سرمست کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو سماج انتھاپسندي، عدم برداشت ۽ فرقيواريت جي آڙاهه ۾ سڙي رهيو آهي، هن چيو ته سچل سائين جي فارسي ڪلام تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي سنڌ سرڪار ايران سان معاھدو ڪري جيئن سچل جي ڪلام تي ڪم ٿي سگھي، فياض لطيف چانڊيو چيو ته سچل سرمست جو جيڪو ڪلام آھي، شاعري آھي اھا شاعري علامتي آھي، احساساتي آھي ۽ احساس جي علامت مڪمل نه ٿي سگھي، 204 سال مڪمل ٿي ويا آھن، سچل جي شاعري کي سمجهي نه سگھيا آھيون، ادل سومرو چيو ته سچل سرمست هڪ الستي مفڪر، شاعر، اديب، محقق ۽ دانشور ٿي گذريو آهي، جنھن تصوف ۾ محبت، پيار ۽ عقيدت پيش ڪئي، ڪانفرنس ۾ استاد عبدالغفور سومرو، سيد ارشاد شاهه، شريف عباسي، رجب فقير، سلامت سھراب فقير، شازيا ماروي، زخسانا ماروي سميت ٻين فنڪارن فن جو مظاھرو ڪيو.