اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سويلينز جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل کي درست قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ حڪومتي اپيلون منظور ڪري ورتيون، سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سويلين جي فوجي ٽرائل بابت حڪومت جون انٽرا ڪورٽ اپيلون منظور ڪندي آرمي ايڪٽ کي اصل شڪل ۾ بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ مختصر فيصلو ٻڌايو، انٽرا ڪورٽ اپيلون پنج ٻه جي اڪثريت سان منظور ڪيون ويون، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو . مختصر فيصلو ٻڌايو ويو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، تقريبن پنج مهينا ڪيس جاري رهيو، سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف اپيل جو حق ڏيڻ جو معاملو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته حڪومت 45 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ بابت قانونسازي ڪري، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ وزارت دفاع ۽ ٻين جون اپيلون منظور ڪندي سپريم ڪورٽ جو 23 آڪٽوبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو، آرمي ايڪٽ جي شق 2(1) (ڊي)(ون)، 2 (1)(ڊي)(ٽو) ۽ 59(4) بحال ڪئي.