اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلنز ٽرائل جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪندو آهي ته جنهن ملڪ کان اهو آيو آهي. اهو سينڊنگ اسٽيٽ چورائيندي. جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مطلب ڪلڀوشن آيو ته ڀارت کي سينڊنگ اسٽيٽ جي حوالي سان ان کي اسٽيٽ جو شهري تصور ڪيو ويندو. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث جواب الجواب ۾ دليل ڏيندي چيو ته ٽرائل ۾ رولز تي عمل ٿيو آهي يا نه؟ ان تي عدالت کي آگاهه ڪندس. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث چيو گرائونڊز دستياب آهن پر وڪيل تائين رسائي جو گرائونڊ موجود ناهي. جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته گرائونڊز جي حوالي سان شاهه زمان جو ريفرنس به شامل آهي. خواجه حارث وڌيڪ وضاحت ڏني ته اهو مڃون ٿا ته فيئر ٽرائل جو حق موجود آهي. پر قونصلر رسائي جي خبر ناهي، آرٽيڪل 36 جو تعلق غير ملڪي شهرين سان آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته مطلب ڀارت مڃي يا نه مڃي اسان چونداسين انهن موڪليو آهي. ويانا ڪنوينشن مطابق ڪلڀوشن جي معاملي ۾ ڀارت سينڊنگ اسٽيٽ ئي آهي. خواجه حارث چيو ته ڀارتي جاسوس کي اپيل جو حق مليو. پر پنهنجي ماڻهن کي نه. ڪلڀوشن کي ويانا ڪنيونشن تحت قونصلر رسائي ڏني وئي ان کي اپيل جو حق ڏيڻ نٿو چئي سگهجي. جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار وڪيل نه ڪري سگهي ته ڇا حڪومت وڪيل فراهم ڪندي آهي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته جي بلڪل. اهڙي صورت ۾ حڪومت سرڪاري وڪيل جي سهولت ڏيندي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.