ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ لاڳيتو ٽئين ڏينهن به اضافو ٿيو جڏهن ته ڊالر جي انٽربينڪ قيمت به وڌي وئي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 56 هزار100 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 800 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 56 هزار 900 رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 684 رپيا وڌي 3 لک 5 هزار 984 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 8 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 3 هزار 385 ڊالر ٿي ويو. چاندي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 3 هزار 482 رپيا في تولو رهي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطالب انٽربينڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪالهه ڊالر جي قيمت 281 رپيا 47 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 283 رپيا 15 پئسا برقرار رهيو.