ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 750 رپيا سستو: ڊالر ۾5 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 750 رپين جي لاٿ سان 287450 مان 286700 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 8 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2743 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 پئسا لاٿ سان 281.3 مان 281.25 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپئي جي گهٽتائي سان 348.5 مان 347.5 ۽ يورو 25 پئسا لاٿ سان 293.5 مان 293.25 رپين تي بند ٿيا، ٻئي طرف چاندي 3372 رپين تي بيٺل رهي.