ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 700 رپيا مهانگو: ڊالر ۾ 10 پئسا واڌ، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 700 رپيا اضافي سان 283000 مان 283700 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالر جي واڌ سان 2735 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 3430 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾10 پئسا واڌ سان 278.75 مان 278.85 ۽ انٽر بينڪ ۾9 پئسا اضافي سان 277.79 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 2.65 رپين جي واڌ سان 359.05 مان 361.7 ۽ يورو 75 پئسا اضافي سان 302.65 مان 303.4 رپين تي پهچي ويا.