ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)سون وڌيڪ 700 رپيا سستو: ڊالر 280 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 700 رپيا لاٿ سان 276700 مان 276000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2657 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسا لاٿ سان 280.25 مان 280 رپين تي پهتو، هوڏانهن چاندي 3050 رپين تي بيٺل رهي، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 372.35 مان 373.35 ۽ يورو50 پئسا اضافي سان 310.85 مان 311.35 رپين تي پهچي ويا.