ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 600 رپيا مهانگو: ڊالر ۾5 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا واڌ سان 338800 مان 339400 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 6 ڊالرن جي اضافي سان 3224 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 40 رپيا لاٿ سان 3400 مان 3360 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر 5 پئسا لاٿ سان 282.15 مان 282.1 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 363 ۽ يورو 310 رپين تي بيٺل رهيا.