ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون وڌيڪ 600 رپيا سستو: ڊالر  281.5 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا گهٽتائي سان 308000 مان 307400 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته ڊالر اوپن  مارڪيٽ ۾ 5  پئسا واڌ سان 281.45 مان 281.5 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن  چاندي 3450، پائونڊ 357 ۽ يورو 295.5 رپين تي بيٺل رهيا.