ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: سون 5400 رپيا سستو: ڊالر 279 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 5400 رپيا لاٿ سان 282200 مان 276800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 65 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2762 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 3420 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 پئسا واڌ سان 278.95 مان 279 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 10 پئسا واڌ سان 359.85 مان 359.95 ۽ يورو 75 پئسا لاٿ سان 299.85 مان 299.1 رپين تي پهچي ويا، ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي، 100 انڊيڪس499 پوائنٽن جي اضافي سان 92520 پوائنٽن تي پهچي وئي، ڪالهه 17 ارب 33 ڪروڙ رپين جا 32 ڪروڙ 26 لک شيئر وڪرو ٿيا.