ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 5000 رپيا سستو: ڊالر ۾10 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 5000 رپيا لاٿ سان 282800 مان 277800 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 50 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2666 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 279.25 مان 279.15 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو گهٽتائي سان 355.7 مان 354.7 رپين تي پهتو، هوڏانهن چاندي 3450 ۽ يورو292.6 رپين تي بيٺل رهيا.