ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 500 رپيا مهانگو: ڊالر 288 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا واڌ سان 214300 مان 214800 ۽ انٽرنيشل مارڪيٽ ۾ 20 ڊالرن جي اضافي سان 2006 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا واڌ سان 2510 مان 2530 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 75 پئسا لاٿ سان 288.75 مان 288 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ 50 پئسا گھٽتائي سان 356.5 مان 356 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته يورو 308 رپين تي بيٺل رهيو