ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 500 رپيا مهانگو: ڊالر 279.5 رپين جو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا واڌ سان 241200 مان 241700 رپيا في تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالرن جي اضافي سان 2322 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾2 پئسا واڌ سان 279.48 مان 279.5 ۽ انٽر بينڪ ۾17 پئسا گهٽتائي سان 278.33 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 2 رپيا اضافي سان 300 مان 302 رپين تي پهتو، هوڏانهن  چاندي 2700 ۽ پائونڊ 352 رپين تي بيٺل رهيا