ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۽ سون کي بريڪ لڳي ويو، سون 500 رپيا سستو : ڊالر 288.75 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 214800 مان 214300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي لاٿ سان 1966 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا اضافي سان 2500 مان 2510 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 75 پئسا گهٽتائي سان 289.5 مان 288.75 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.08 رپيا لاٿ سان 286.06 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 357.5 مان356.5 ۽ يورو ڏيڍ رپيو گهٽتائي سان 309.5 مان 308 رپيا ٿي ويا،