ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون وڌيڪ 500 رپيا سستو: ڊالر ۾ 10 پئسا اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 275000 مان 274500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 17 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2633 ڊالر في  آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا لاٿ سان 279.1 مان 279 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 25 پئسا اضافي  سان 353 مان 353.25 ۽ يورو هڪ رپيو 30 پئسا لاٿ سان 294.05 مان 292.75 رپين تي پهچي ويا، ٻئي طرف  چاندي 3200 رپين تي بيٺل رهي،