ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 4000 رپيا سستو: ڊالر ۾ به لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4000 رپيا گهٽتائي سان 348500 مان 344500 رپيا تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 30 ڊالرن جي لاٿ سان 3263 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 44 رپيا لاٿ سان 3444 مان 3400 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾5 پئسا گهٽتائي سان 282.9 مان 282.85 ۽ پائونڊ 2.2 رپيا لاٿ سان 380.1 مان 377.9 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته يورو 321.8 رپين تي بيٺل رهيو.