ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 400 رپيا مهانگو: ڊالر 281 رپين تي برقرار: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا واڌ سان 226900 مان 227300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾3 ڊالرن جي واڌ سان 2173 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 2600 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر انٽر بينڪ ۾ هڪ پائي جي واڌ سان 278.64 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ اڍائي رپيا لاٿ سان 359 مان 356.5 ۽ يورو ڏيڍ رپيا گهٽتائي سان 306 مان 304.5 رپين تي پهتا هئا، ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 612 پوائنٽن جي واڌ سان 65502 پوائنٽن تي پهتي، ڪالهه 17 ارب 5 ڪروڙن جا 32 ڪروڙ 32 لک شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 65 ارب رپين جي واڌ سان 9262 ارب ٿي وئي.