ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ( سون 400 رپيا مهانگو: ڊالر 245.5 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا واڌ سان 154700 مان 155100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 7 ڊالرن جي واڌ سان 1669 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا اضافي سان 1570 مان 1580 رپيا في تولو ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 245.5 رپين تي برقرار  رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 1.09 رپئي جي واڌ سان 237.91 رپين تي وڪرو ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ ۽ يورو 2 رپيا واڌ سان 277 مان 279 ۽ 242.5 مان 244.5 رپين تي پهتا، ٻئي طرف  ايڪسچينج  ڪمپنيز  جي جنرل سيڪريٽري ظفر پراچا جو چوڻ هو ته ڊالر بحران جون ذميوار بينڪون آهن، جن 2 مهينن ۾ هڪ سال جو نفعو ڪمايوآ هي