ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 300 رپيا سستو: ڊالر 280 رپين جو ٿي ويو، ا ن ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا لاٿ سان 261500 مان 261200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾25 پئسا گهٽتائي سان 280.25 مان 280 رپين تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2900، پائونڊ 368.5 ۽يورو 310.5 رپين تي بيٺل رهيا.