سون 300 رپيا سستو : ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 161.6 رپين تي پهچي ويو

0
69

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 300 رپيا سستو، ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 161.6 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا لاٿ سان 109300 مان 109000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا لاٿ سان 1470 مان 1450 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا واڌ سان 160.5 مان 160.6 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 221 مان 221.5 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يوراو هڪ رپيو اضافي سان 187.5 مان 188.5 رپيا ٿي ويو.