ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي قيمت هڪ ڀيرو وري گهٽجي وئي آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 67 هزار 700 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 300 رپيا گهٽجي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 2 لک 67 هزار 400 رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 258 رپيا گهٽجي 2 لک 29 هزار 252 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 3 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي ۽ في اونس جو اگهه گهٽجي 2 هزار 562 ڊالر ٿي ويو. چاندي جو تولو 3 هزار 250 رپيا ۽ 10 گرام 2 هزار 786 رپيا برقرار رهيو.