ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 2400 رپيا سستو:  ڊالر 250 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ ڪراچي  ۾ سون 2400 رپيا لاٿ سان 162700 مان 160300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي  30 رپيا  گهٽتائي سان 1630 مان 1600 رپين تي پهتي، ٻئي طرف  ڊالر  250، پائونڊ 300 ۽ يورو 246 رپين تي برقرار رهيا