ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ )سون 2000 رپيا سستو: ڊالر 279.4 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2000 رپيا لاٿ سان 275900 مان 273900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 26 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2631 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾15 پئسا واڌ سان 279.25 مان 279.4 رپين تي پهتو، ٻئي طرف پائونڊ3.1 رپيا لاٿ سان 353.9 مان350.8 ۽ يورو سوا3 رپيا گهٽتائي سان 292.5 مان 289.25 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته چاندي 3400 رپين تي بيٺل رهي.