ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 1800 رپيا سستو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي: اربين رپيا ٻڏي ويا، ان ڏس ۾اسٽاڪ مارڪيٽ صبح جو 1100 پوا ئنٽن جي واڌ سان 116658 پوائنٽن تي پهتي پر شام جو 100 انڊيڪس1405 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 114063 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪالهه 20 ارب 54ڪروڙن جا 19 ڪروڙ 2 لک شيئر وڪرو ٿيا، اهڙي صورتحال سبب سيڙپڪارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، هوڏانهن ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1800 رپيا لاٿ سان 348900 مان 347100 رپين تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 16 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3289 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 5 رپيا لاٿ سان 3490 مان 3485 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾5 پئسا واڌ سان 282.75 مان 282.8  ۽ انٽر بينڪ ۾ وري 9 پئسا اضافي سان 281.06 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف  يورو سوا رپيو اضافو سان 320.4 مان 321.65 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 375.9 رپين تي بيٺل رهيو.