ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) سون 1700 رپيا سستو: ڊالر 10 پئسا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1700 رپيا لاٿ سان 279200 مان 277500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 13 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2670 ڊالرفي آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا واڌ سان 278.8 مان 278.9 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 1.65 رپين جي لاٿ سان 360.95 مان 359.3 ۽ يورو 2 رپيا گهٽتائي سان 300 مان 298 رپين تي پهتا.