ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 1600 رپيا مهانگو: ڊالر ۾50 پئسن جي واڌ، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1600رپيا واڌ سان 219700 مان 221300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 12 ڊالرن جي واڌ سان 2094 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2560 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 283 مان 283.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ 3 پئسا اضافي سان 281.89 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 2 رپيا واڌ سان 360 مان 362 ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 311 مان 312 رپين تي پهتا هئا.