ڪراچي(ڪامرس نيوز) ايران ۽ اسرائيل جي جنگ جي ڪري دنيا ۾ سون جي طلب وڌي وئي آهي جنهن سان اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 61 هزار 500 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 1500 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 63 هزار رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 1206 رپيا وڌي 3 لک 11 هزار 213 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 15 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 3 هزار 432 ڊالر رهيو.