ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1300رپيا مهانگو : ڊالر 280 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1300 رپيا واڌ سان 215000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي  مارڪيٽ ۾ سون  13 ڊالرن جي واڌ سان 2025 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2750 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 281 مان 280 ۽ انٽر بينڪ ۾ 8 پئسا گهٽتائي سان 279.9 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ ۽ يورو 50 پئسا واڌ سان 358 مان 358.5 ۽  307.5 مان 308 رپين تي پهتا هئا