ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1200 رپيا مهانگو: ڊالر 297 رپين تي برقرار: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپيا واڌ سان 216000 مان 217200 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 80 رپيا لاٿ سان 2920 مان 2840 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾297 رپين تي برقرار رهيو ، جڏهن ته انٽر مارڪيٽ ۾ 1.27 رپيا گهٽتائي سان 265.56 رپين تي پهچي ويو، واضح رهي ته انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ فرق گهٽجي 0.05 سيڪرو رهجي ويو آهي، ٻئي طرف پائونڊ 379 رپين تي بيٺل رهيو، جڏهن ته يورو 50 پئسا واڌ سان 324.5 مان 325 رپين تي پهتو، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس 49 پوائنٽن جي واڌ سان 45803 پوائنٽن تي بند ۽ 245 پوائنٽن تي بينڊ ٿي ، مختلف موقعن تي 100 انڊيڪس 45907 پوائنٽن تائين بلند ۽ 45662 پوائنٽن تائين گهٽجي وئي، ڪالهه 3 ارب 29 ڪروڙ رپين جي ماليت جا 10 ڪروڙ 34 لک شيئرز وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 9 ارب جي لاٿ سان 6763 ارب رپين تي بند ٿي.