ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 279.85 رپين تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپيا لاٿ سان 276900 مان 275700 رپيا تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالرن جي گهٽتائي سان  2639 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن  چاندي 3350، پائونڊ 350.5 ۽ يورو 290 رپين تي برقرار رهيا.