ڪراچي (ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ ٽن ڏينهن تائين لاڳيتي واڌ بعد گهٽتائي اچي وئي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو. صرافا مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ ڪالهه 1200 رپيا تولي جي گهٽتائي ٿي. سون جو تولو هڪ ڏينهن اڳ 2 لک 73 هزار 100 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي 2 لک 71 هزار 900 رپين تائين پهتو. 10 گرام سون جي قيمت 2 لک 33 هزار 110 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته چاندي جي تولي جو اگهه 2 هزار 950 رپيا برقرار رهيو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 5 ڊالر في اونس گهٽتائي ٿي جنهن سان نئين عالمي قيمت گهٽجي 2 هزار 617 ڊالر في اونس ٿي وئي. ٻئي طرف ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو. انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 3 پئسا وڌي وئي ۽ نئين قيمت 277 رپيا 87 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 5 پئسا گهٽتائي ٿي. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 280 رپيا 75 پئسا مان گهٽجي 280 ريپا 70 پئسا، برطانوي پائونڊ 90 پئسا مهانگو ٿي 371 رپيا 90 پئسا، ڪينيڊين ڊالر هڪ رپيو 90 پئسا مهانگو ٿي 207 رپيا 10 پئسا مان 209 رپين جو ٿي ويو. يورو 310 رپيا 75 پئسا تي برقرار رهيو. سعودي ريال 23 پئسا سستو ٿي 74 رپيا 63 پئسا مان 74 رپيا 40 پئسا ۽ اماراتي درهم 10 پئسا سستو ٿي 76 رپيا 30 پئسا مان 76 رپيا 20 پئسن جو ٿي ويو. بحرين جو دينار 742 رپيا 20 پئسا، ڪويتي دينار 910 رپيا 15 پئسا، اوماني ريال 727 رپيا ۽ قطري ريال 77 رپيا 14 پئسا ۾ ئي وڪرو ڪيو ويو.