ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سون ۾3000 رپيا واڌ : ڊالر 281.75 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 3000 رپيا واڌ سان 304000 مان 307000 رپيا تولو تي پهچي ويو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 15 پئسا اضافي سان 281.6 مان 281.75 ۽ انٽر بينڪ ۾ 15 پئسا واڌ سان 279.96 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 6 رپيا واڌ سان 358.6 مان 364.6 ۽ يورو 5 رپيا اضافي سان 295.6 مان 300.6 رپين تي پهچي ويا، جڏهن ته چاندي 3270 رپين تي بيٺل رهي.