ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾وڏي لاٿ: 11700 رپين جي لاٿ: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي: سيڙپڪارن جا 103 ارب ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 11700 رپيا لاٿ سان 363700 مان 352000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 116 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3338 ڊالر في آئونس  تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 18 رپيا واڌ سان 3450 مان 3470 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا اضافي سان 282.4 مان 282.5 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 378.5 مان 377.5 رپين تي بند ٿيو، ٻئي پاسي يورو 325.5 رپين تي بيٺل رهيو، هوڏانهن  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي رهي، 100 انڊيڪس 1204 پوائنٽن جي لاٿ سان 117226 پوائنٽن تي پهچي وئي، مارڪيٽ ۾ 27.76 ارب جا 60 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 103 اربن جي گهٽتائي سان 14340 اربن تي بند ٿي.