ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سون ۾ 600 رپين جي لاٿ : ڊالر 25 پئسا مهانگو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا لاٿ سان 356800 مان 356200 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 26 رپيا اضافي سان 3824 مان 3850 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 25 پئسا واڌ سان 286.15 مان 286.4 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 394.6 ۽ يورو 338.6 رپين تي بيٺل رهيا.