ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ پنجين ڏينهن به لاٿ: تولو 3 لکن تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 300500 مان 300000 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2857 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾30 پئسا واڌ سان 281.3 مان 281.6 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف چاندي 3314، پائونڊ 357 ۽ يورو 296 رپين تي بيٺل رهيا.