ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ تيزي: 800 رپيا مهانگو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 800 رپيا اضافي سان 305200 مان 306000 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 281.75 رپين تي بيٺل رهيو، جڏهن ته انٽر مارڪيٽ ۾11 پئسا لاٿ سان 279.95 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 50پئسا لاٿ سان 365 مان 364.5 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 305.6 مان 306.6 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 3370 رپين تي بيٺل رهي