ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ معمولي تيزي: تولي تي 300 رپيا واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا واڌ سان 350900 مان 351200 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾اگهه 3325 ڊالر في آئونس تي برقرار رهيو، ٻي طرف ڊالر 283.25، پائونڊ 375 ۽ يورو 321.5 رپين تي بيٺل رهيا.