ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ لاٿ جاري: وڌيڪ 1125 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي ۾ سون 1125 رپين جي گهٽتائي سان 355500 مان 354375 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته چاندي 11 رپيا واڌ سان 3914 مان 3925 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر 285.5، پائونڊ 391 ۽ يورو338.3 رپين تي بيٺل رهيا.