ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ لاٿ جاري: 348700 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2300 رپيا لاٿ سان 350000 مان 348700 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 33 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3305ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 40 رپيا لاٿ سان 3530 مان 3490 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 15 پئسا واڌ سان 282.6 مان 382.75 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 375.5 ۽ يورو 320.5 رپين تي بيٺل رهيا