ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ لاٿ جاري: تولو وڌيڪ 2300 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2300 رپيا لاٿ سان 344500 مان 342200 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 23 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3240 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 25 رپيا گهٽتائي سان 3400 مان 3375 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر 282.85، پائونڊ 377.9 ۽ يورو 321.8 رپين تي بيٺل رهيا.