ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ تيزي : 300 رپيا مهانگو: ڊالر ۾5 پئسا لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا اضافي سان 354365 مان 354665 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 3 ڊالرن جي واڌ سان 3330 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 60 رپيا لاٿ سان 3857 مان 3797 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾5 پئسا گهٽتائي سان 285.8 مان 285.75 رپين تي پهچي ويو، هوڏانهن پائونڊ هڪ رپيو اضافي سان 388.1 مان 389.1 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته يورو 332 رپين تي بيٺل رهيو.