ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون  ۾ تيزي برقرار: 300 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا واڌ سان 342500 مان 342800 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 3ڊالرن جي اضافي سان 3244 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 30 رپيا واڌ سان 3400 مان 3430 رپيا تولو  ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 پئسا واڌ سان 283.75 مان 283.8 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 378.8 ۽ يورو 318.65 رپين تي بيٺل رهيا.