ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي پر لڳي ويا: هڪ ڏينهن ۾7800 رپيا اضافو: ڊالر سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  7800 رپيا واڌ سان 321000 مان 328800 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 78 ڊالرن جي اضافي سان 3118 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا واڌ سان 3160 مان 3180 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 35 پئسا لاٿ سان 282.5 مان 282.15 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 364 مان 363 ۽ يورو 2 رپيا گهٽتائي سان 312 مان 310 رپين تي بند ٿيا.