ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي پر لڳي ويا: تولو 356000 رپين جو ٿي ويو: ڊالر جي به اڏام، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 6000 رپين جي واڌ سان 350000 مان 356000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 60ڊالرن جي اضافي سان 3377 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 30 رپيا اضافي سان 3370 مان 3400 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾25 پئسا واڌ سان 282.9 مان 283.15 ۽ انٽر بينڪ ۾ 15 پئسا اضافي سان 281.37 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ سوا رپيو اضافي سان 377.9 مان 378.15 رپين تي پهتو، جڏهن ته يورو 321.8 رپين تي برقرار رهيو.