ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي پر لڳي ويا: تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو تولو 3 لک 3 هزارن تي پهچي ويو: ڊالر جي به اڏام، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4100 رپين جي اضافي سان  298900 مان 303000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 42 ڊالرن جي واڌ سان 2903 ڊالر في ائونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 15 پئسا واڌ سان 281.1 مان 281.25 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  پائونڊ 75 پئسا گهٽتائي سان 350.25 مان 349.5 ۽ يورو اڍائي رپيا لاٿ سان 292.75 مان 290.25 رپين تي پهچي ويا، جڏهن ته چاندي 3395 رپين تي برقرار رهي.