ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون کي بريڪ: 352300 رپين تي پهتو: ان ڏس ۾ عيد جي موڪلن بعد ڪراچي جي صرافه بازار۾ سون  جو اگهه گهٽجي 352300 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3339 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي68 رپيا اضافي سان 3804 مان 3872 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا اضافي سان 284.3 مان  284.4 رپيا ۽ انٽر بينڪ ۾ 4 پئسا واڌ سان 282.17 رپين تي پهچي ويو،  جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 385.15 مان 385.65 ۽ يورو 15 پئسا لاٿ سان 324.15 مان324 رپين تي بند ٿيا.